جي جي مور

جي. جي. مور: انگريز دؤر ۾، سنڌ جي تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ ڪوششون ڪندڙ جي. جي. مور، جنهن جو پورو نالو جان جارج مور (John George Moore) هو، هن جو جنم 1834ع ۾ ٿيو. 1855ع ۾ سول سروس ۾ شامل ٿي 1856ع ۾ بمبئي آيو ۽ بمبئيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ طور فرض انجام ڏنا. هو بمبئيءَ جي گورنر سر بارٽل فريئر جي ذاتي اسٽاف ۾ شامل هو. 1862ع ۾ مسٽر سيموئل مينسفيلڊ سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو ته ان جي سفارش تي، ساڳئي سال ڊسمبر 1862ع ۾ جي. جي. مور به بمبئي کان سنڌ ۾ بدلي ٿي آيو. کيس سنڌجي ڪمشنر جو معاون (اسسٽنٽ ڪمشنر) مقرر ڪيو ويو. ان سان گڏ کيس تعليم (ايجوڪيشنل انسپيڪٽر) جي به اضافي چارج ڏني وئي. جي. جي مور 1863ع کان 1871ع تائين، اٺ سال سنڌ جي تعليم جو انسپيڪٽر رهيو. هو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ وڌ کان وڌ ڪم ڪندڙ انگريز عملدار هو. مسٽر اي. ڊي. رابرٽسن کي، مارچ 1867ع ۾، سنڌ جي ڪمشنر سيموئل مينسفيلڊ جي موڪل وارن ڏينهن ۾، قائم مقام ڪمشنر مقرر ڪيو ويو ته، ان وقت به سندس اسسٽنٽ مسٽر جي. جي مور هو. مسٽر اي. ڊي. رابرٽسن کانپوءِ وليم هينري هيولاڪ جون 1867ع کان جولاءِ 1868ع تائين سنڌ جي ڪمشنر طور ذميواريون نڀايون. ان وقت به جي. جي. مور سندس معاون هو. مسٽر اي. ڊي رابرٽسن ۽ وليم هينري هيولاڪ جي غير موجودگيءَ ۾ جي. جي. مور کي سنڌ جو قائم مقام ڪمشنر مقر ر ڪيو ويو هو. هن اهو عهدو ڇهه مهينا سنڀاليو. جڏهن شهزادو وليم آفريڪا جي فتح کانپوءِ 1868ع ڌاري سنڌ ۾ آيو ته ان وقت به سنڌ جو قائم مقام ڪمشنر جي. جي. مور هو. 1870ع ۾ هن جي بدلي برٽش انڊيا جي ٻين ماتحت علائقن ڏانهن ٿي، جتي ترقي ڪري مختلف عهدن تي پهتو. نومبر 1891ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيو ۽ 1911ع ۾ وفات ڪئي. جي. جي مور سنڌ جي تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون خدمتون انجام ڏنيون. هو سنڌ جي تعليم متعلق وڏي ڄاڻ رکندو هو، انهي ڪري هن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ وڏي تبديلي آڻي اسڪولن جي نئين سر درجابندي ڪئي ۽ اسڪولن کي ضلعي اسڪول، تعلقي وارا اسڪول ۽ ورنيڪيولر اسڪولن جا نالا ڏئي الڳ ڪيو. 1863ع ۾ لوڪل فنڊ جوڙي زمين تي ٽين پتي سيس يا في لاڳو ڪرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ تمام گهڻا اسڪول کليا. هن 1863ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ جديد تقاضائن مطابق جامع پاليسي جوڙي. تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ 1866ع ۾ تعليم کاتي پاران سنڌي ٻوليءَ ۾ ”سنڌ سڌاراخبار جاري ڪيائين، جنهن ۾ خاص ڇوڪرين جي تعليم تي مضمون لکرائي، زناني تعليم جي اهميت تي زور ڀريائين. هن پنهنجي ذاتي تجربي ۽ ڪوششن سان سنڌ جي تعليم جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو